سرداري نظام

سرداري نظام: سرداري نظام سنڌ جي ڪجھه حصن ۽ بلوچستان ۾ رائج آهي. سرداري نظام سنڌ جو نج نظام ناهي، ٻين ملڪن کان آيل قومن جي ڪجهه رواجن مان سرداري نظام به هڪ آهي. سنڌ ۾ به بلوچستان جيان ڪجھه ذاتيون اهڙيون آهن، جيڪي صدين کان باقاعدي پنهنجي قبيلي جو سردار/ اڳواڻ چونڊينديون آهن، جيڪو سلسلو گھڻوڪري ٻين سلسلن وانگر موروثي هلي ٿو. جيئن هڪ سردار جي موت کانپوءِ ان جي پڳ، ان جي پٽ (پٽ نه هجڻ جي صورت ۾ ڀائٽي، ڀاءُ يا ويجھي رشتيدار) کي پنهنجي ذات جي سمورن چڱن، وڏڙن توڙي آسپاس جي سردارن رئيسن، وڏيرن ۽ پيرن جي موجـودگيءَ ۾ باقائده تقريب ڪوٺائي ٻڌرائي وڃي ٿي. جنهن کانپوءِ اهو شخص انهيءَ قبيلي جو باقائدي اڳواڻ يا سردار طور سڃاڻجي ٿو ۽ پنهنجي ذات جي ماڻهن جي سمورن حقن کان وٺي ننڍن وڏن مسئلن جي حل لاءِ انهن جـي سرپرستـي پڻ ان جي ذمي ٿـي وڃي ٿي. سـندس ذات جا ماڻهـو جھيڙي يا ڪنهن ٻي ناانصافيءَ واري مسئلي يا نبيري لاءِ وٽس وڃن ٿا ۽ انهن سان انصاف يا ناانصافين وارا معاملا يا فيصلا سردار تي ڇڏيل هوندا آهن. اهي معاملا سردار ترت نبيري ڇڏيندو آهي. نبيري دوران جيـڪـڏهن ڪـنهن ڌُر تـي ڏوهه ثـابت ٿئـي ٿو ته ان تي ڏنڊ ڏوهه رکي، متاثر ڌر کي معاوضي طور يا منٿ ميڙ ذريعي راضي ڪري وٺندا آهن، جيئن ڪو خون خرابو وغيره ٿيڻ جهڙيون حالتون پيدا نه ٿين.
سرداري سنڀالڻ جو مقصد اهوئي هوندو آهي ته پنهنجي قبيلي کي متحد رکڻ ۽ انهن کي انتشار کان بچائڻ.
سنڌ جي ڪجھه ذاتين جي اڳواڻن کي ارباب، ملڪ، وڏيرو، سردار ۽ راڻي جي لقب سان سڏيو ويندو آهي.
هن وقت به ملڪ جي اڪثر قبائلي علائقن توڙي سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي اثر وارن علائقن ۾ عام چونڊن يا ٻين اهڙن اهم فيصلن ۾ ڪنهن پارٽيءَ جي حمايت ڪرڻ وارو فيصلو سردار تي ڇڏيل هوندو آهي. هو جنهن به ڌر جي حمايت ڪندو، سندس ذات جا ماڻهو خاموشيءَ سان ان جو فيصلو قبول ڪندا ۽ انهن ئي اصولن جي پيروي ڪندا، جن جي سندن سردار تائيد ڪندو. جيستائين سردار حال حيات هوندو، تيستائين انهيءَ قبيلي جي سموري نگراني، راڄ ڀاڳ سان روش، توڙي قبيلي جي اندروني معاملن جي مداخلت وغيره جو حق وٽس ئي هوندو ۽ کانئس پوءِ ان جي اولاد مان جيڪو به سرداري سنڀالڻ جي قابل هوندو آهي اُن کي پڳ ٻڌائبي آهي. خاص طور تي وڏو پٽ انهيءَ جو حقدار هوندو آهي، پر جديد تعليم ۽ سماجي سجاڳيءَ سبب هاڻي اڪثر ماڻهو پنهنجي راءِ جو حق رکن ٿا. (وڌيڪ ڏسو: جاگيرداري نظام، جلد ٽيون).


لفظ سرداري نظامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو